ترڪيءَ ۾ چار مسافر- ڪتاب

ترڪيءَ ۾ چار مسافر- ڪتاب

ترڪيءَ ۾ چار مسافر

ترڪيءَ ۾ چار مسافر (ڪتاب ):هي ڪتاب نامياري تعليمدان پروفيسر ڊاڪٽر محــبوب شيخ جي ترڪــيءَ جي سفرنامي تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو پيش لفظ محمد يعقوب مغل ۽ مهاڳ سنڌ جي نامور ليکڪ الطاف شيخ لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 30 باب شامل آهن جيڪي ترڪيءَ جي تاريخ، تعليم، نظام، ثقافت، رهڻي ڪهڻيءَ کي بيان ڪن ٿا. ڪتاب ۾ رنگين تصويرون پڻ شامل آهن. ڪتاب جو پهريون ڇاپو مئي 2009ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو جنوري 2010ع ۾ شايع ٿيو. ذڪر هيٺ آيل ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس نهايت ئي سهڻي انداز ۾ پڌرو ڪيو آهي. پڪي جلد سان، 140 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو